باڊھ جي پاڙي زڪريا ڪالوني جي ڀر ۾ موجود مڇي جي تلاء ۾ ٻه معصوم ٻارڙيون پير ترڪڻ ڪري فوت ٿي ويون خبر موجب اڄ منجهند ڌاري باڊھ جي پاڙي ذڪريا ڪالوني جي رهواسي عبدالله بروهي ۽ مرحوم گل حسن بروهي جون ٻه معصوم نياڻيون چار سالن جي فضيلا ۽ پنج سالن جي نائيلا پ
  • 5 years ago

باڊھ جي پاڙي زڪريا ڪالوني جي ڀر ۾ موجود مڇي جي تلاء ۾ ٻه معصوم ٻارڙيون پير ترڪڻ ڪري فوت ٿي ويون

خبر موجب اڄ منجهند ڌاري باڊھ جي پاڙي ذڪريا ڪالوني جي رهواسي عبدالله بروهي ۽ مرحوم گل حسن بروهي جون ٻه معصوم نياڻيون چار سالن جي فضيلا ۽ پنج سالن جي نائيلا پنهنجي ڪالوني جي ڀر ۾ موجود مڇي جي تلاء ڀرسان راند کيڏڻ لاء نڪتيون ته انهن جا پير ترڪڻ ڪري تلاء ۾ ڪري پيون جنهن جو اطلاع ننڍڙن ٻارن والدين تائين پهچايو جنهن کان پوء والدين ۽ پاڙيسرن مسلسل چار ڪلاڪن جي ڳولا کان پوء ننڍڙن جا مڙھ پاڻي جي تلاء مان ڳولي لڌا جن کي باڊھ ڪيزيولٽي بلاڪ ۾ آندو ويو جتي فوت ٿيڻ جي تصديق کان پوء نائيلا ڌي مرحوم گل حسن کي درگاه شريف باڊھ پنهنجي چاچن ڏانهن کڻي ويا جڏھن ته فضيلا ڌي عبدالله کي زڪريا ڪالوني پنهنجي گهر ۾ کڻي آيا گهر ۾ مڙھ پهڇڻ تي قهرام مچي ويو امڙ کي بي هوشي جا دورا هر طرف سوڳ جو ماحول ڇائنجي ويو معلوم ڪرڻ تي خبر پئي ته هر سال اها کڏ ڪنهن نه ڪنهن معصوم جان کان زندگي کسندي آھي پاڙي وارن جو چوڻ هو ته هن خوني کڏ جي مالڪ سان حڪومت رابطو ڪري ڪا ديوار کڻائي يان وري کڏ کي لٽرائي ته جيئين معصوم جانيون زايا ٿيڻ کان بچي سنگهن

ايس آر نيوز پاڪستان
Recommended