عمرڪوٽ ( ( پرڏيهي معاملن واري وفاقي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت نٿو چاهي ته ڪشمير آزاد ٿي پر اسان ڪري ڏيکارينداسين، فتح سچ جي ٿيندي ۽ نيٺ يزيدي حڪومت ختم ٿيندي، برلن جي ڀت ڪري سگهي ٿي ته لائين آف ڪنٽرول به ٽٽي سگهي ٿي، ارادا اٽل
  • 5 years ago
عمرڪوٽ ( ( پرڏيهي معاملن واري وفاقي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت نٿو چاهي ته ڪشمير آزاد ٿي پر اسان ڪري ڏيکارينداسين، فتح سچ جي ٿيندي ۽ نيٺ يزيدي حڪومت ختم ٿيندي، برلن جي ڀت ڪري سگهي ٿي ته لائين آف ڪنٽرول به ٽٽي سگهي ٿي، ارادا اٽل هجن ته ڪاميابي قدم چمندي، اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن وفاقي وزير لال مالهي طرفان عمرڪوٽ جي شو مندر ۾ اقليتن طرفان منعقد ڪرايل عوامي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته اڄوڪو جلسو سياسي نوعيت جو ناهي، اسين هتي ڪشميرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون، وزيراعظم عمران خان جي هڪ حڪم تي جان ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، وزيراعظم اڄ هتي اچڻو هو پر اهم مصروفيتن سبب نه اچي سگهيو ۽ هو سندس پيغام کـڻي هتي آيو آهي، هن چيو ته هن علائقي ۾ جلسي جي چونڊ ان لاءِ ڪئي ويئي آهي، ڇو ته هتان کان ڪجهه ڪلو ميٽر پري ڀارتي ضلعو راجستان شروع ٿئي ٿو ۽ هتي وڏي انگ ۾ اقليتي برادري آباد آهي، اسين هندستان جي مودي ۽ جئه شنڪر کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته اهي مسلمانن اڳيان نٿا بيهي سگهن پر اسين اقليتن جي وچ ۾ بيٺل آهيون، مودي ڪشميري مسلمانن کي عيد نماز پڙهڻ نه ڏني، قرباني ڪرڻ نه ڏني ۽ جمعي نماز لاءِ مسجدن تي تالا لڳائي ڇڏيا ۽ مسجدون سنسان ڪري ڇڏيون پر پاڪستان ۾ مندر به مسجدن جيان آباد آهن، اسين پنهنجي آخري نبي جي تعليمات تي عمل ڪندي انسانيت جي پرچارڪ ڪريون پيا ۽ ان پيغام هيٺ اڄ شو مندر ۾ موجود آهيون، جڏهن ته ڀارت مسلمانن جو قتل عام ڪري رهيو آهي، ڪشمير کي لاڪ ڊائون ڪيو ويو آهي، آفيسون، اسڪول ۽ ادارا بند آهن، ٻيو ته ٺهيو پر ڀارتي پارليامينٽرين کي به ڪشمير اچڻ نه پيو ڏنو وڃي، مودي نهرو ۽ گانڌي جي موقف جي نفي ڪري رهيو آهي، جڏهن ته اسان سمورن مذهبن جو قدر ڪريون ٿا ۽ قائداعظم محمد علي جناح ۽ آئين پاڪستان تي عمل ڪندي مذهبي آزادي جو حق ڏيئي رهيا آهيون، هن اقليتن کي يقين ڏياريو ته اهي جتي به آباد آهن، ان جي چادر ۽ چوديواري جو تحفظ ڪيو ويندو، انهن جي عزتن جا محافظ بڻجنداسين ۽ انهن جا حق تسليم ڪيا پيا وڃن، پاڪستان جو ٻچو ٻچو اقليتن جي حفاظت ڪندو ، هن چيو ته ڪشمير ۾ کير پياڪ ٻارڙا کير لاءِ پريشان آهن، رابطا ختم ڪيا ويا آهن، عالمي مبصرن کي سرينگر اچڻ نه پيو ڏنو وڃي، ڇو ته مودي کي پنهنجو ظلم ۽ آمريت لڪائڻي آهي، دنيا کي آزادي ڏسڻي آهي ته اهي بنا هٻڪ جي آزاد ڪشمير جو دورو ڪري ڏسن، هن چيو ته 54 سالن بعد ڪشمير مسئلو گڏيل قومن ۾ کڻي وياسين، 13 آگسٽ تي خط لکڻ بعد 72 ڪلاڪن جي گهٽ ٽائيم ۾ شديد ڀارتي مخالفت باوجود ڪشمير معاملي تي بند ڪمرو اجلاس ٿيو ۽ ڪشمير معاملي تي بحث ڪيو ويو ۽ ڪشمير کي تڪراري مسئلو قرار ڏنو ويو ۽ چيو ويو ته ان جو حل گڏيل قومن جي قراردادن تحت ئي نڪري سگهي ٿو، اها مودي جي سڀ کان وڏي شڪست هئي. مودي اڃا به 02 سيپٽمر تي ٿيندڙ گڏيل قومن جي اجلاس ۾ ڪشمير مسئلي تي بحث نه ڪرڻ لاءِ دنيا کي آماده ڪري رهيو آهي پر اتي به کيس ناڪامي ملي آهي ۽ ان اجلاس ۾ ڪشمير تي بحث ڪيو ويندو، هن چيو ته ان اجلاس بعد 03 سيپٽمبر تي سمورن مذهبن جا پيروڪار گڏيل قومن اڳيان گڏ ٿيندا، جڏهن ته 27 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي تاريخي اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان ڪشمير مسئلي تي خطاب ڪندو، هن چيو ته اڄوڪي حڪومت پاڪستانين جو ڳاٽ اونچو ڪيو آهي، هن چيو ته عمران خان ڀارت تي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته سر جو جواب پٿر سان ڏنو ويندو پر يزيد آڳيان نه جهڪندو، هن مودي کي مخاطب ٿيندي چيو ته تنهنجا خواب مٽي ۾ ملائي ڇڏينداسين، ڪشميري مظلوم ضرور آهن پر اڪيلا نه آهن، اڄ ڪشمير مسئلو نه رڳو گڏيل قومن تائين م
Recommended