چيلھار رپورٽ عابد لونگاڻي چيلهار جي گورنمينٽ پرائمري راساڻي ڪالوني اسڪول مختلف مسئلن جي ور چڙھي وئي اسڪول مسئلن جي ور چڙھڻ ڪري شاگردن کي تعليمي حاصلات ڪرڻ ۾ شديد ڏکيائي پيش اچڻ لڳي اسڪول ۾ فرنيچر نه ھئڻ ڪري ٻارڙا پٽ ته ويھي پڙھڻ ته مجبور بڻيل استادن وٽ ڪر
  • 5 years ago
چيلھار رپورٽ عابد لونگاڻي
چيلهار جي گورنمينٽ پرائمري راساڻي ڪالوني اسڪول مختلف مسئلن جي ور چڙھي وئي اسڪول مسئلن جي ور چڙھڻ ڪري شاگردن کي تعليمي حاصلات ڪرڻ ۾ شديد ڏکيائي پيش اچڻ لڳي اسڪول ۾ فرنيچر نه ھئڻ ڪري ٻارڙا پٽ ته ويھي پڙھڻ ته مجبور بڻيل استادن وٽ ڪرسيون نه ھئڻ ڪري ماستر بيٺي بيٺي پڙھائڻ تي مجبور بڻيل تعليم کاتي جي اعلي اختيارين ڪو به ڌيان نه ڏنو اعلي اختيارين کان پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ سھولتون ڏيڻ جو مطالبو: چيلھار جي مين عمرڪوٽ روڊ لڳ 1995ع ۾ قائم ٿيل گورنمينٽ پرائمري اسڪول راساڻي ڪالوني سخت مسئلن جي ور چڙھي وئي آھي اسڪول ۾ استاد توڙي شاگردن لاء فرنيچر ناھي اسڪول جي بلڊنگ ۾ ڏار پئجي ويا آھن ڪلاسن جي سخت کوٽ پيدا ٿيل آھي ڪلاسون نه ھئڻ ڪري ڪيترائي ٻارڙا داخلاء کان رھجي ويا آھن جڏھن ته مھراج پاڙو مھيشوري پاڙو مالھي پاڙو سوٽھڙ پاڙو راساڻي پاڙو سميت ٻين پارڙن جا سوين شاگرد داخل آھن جنھن کي استاد ته پڙھائي رھيا آھن پر رنڊڪون پيدا ٿيل آھن جڏھن ته ھن وقت گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ 180 ٻارڙا داخل جنھن کي چار استاد پڙھائين ٿا اھي ٻئي ڌريون سخت پريشان آھن اسڪول ۾ ايترو فرنيچر ناھي جيڪو شاگرد بئنچن ته ويھي پڙھي سگھن استاد ڪرسين ته ويھي آرام سان پڙھائي سگھن اسڪول ۾ پٽيوالو نه ھئڻ ڪري شاگرد پٽيوالي واري ڪم ڪرڻ ۾ اڪثر مصروف ھوندا آھن شھرين ساڃھ وندن اعلي اختيارين کان گھر ڪئي ته جلد کان جلد اسڪول کي سھولتون ڏئي بيچيني ختم ڪرائي وڃي,

چيلهار:گورنمينٽ پرائمري اسڪول راساڻي ڪالوني ۾ ٻارڙا پٽ تي پڙهي رهيا آهن,
Recommended