باڊھ :(رپورٽ واحد سنڌي) باڊھ جي قديمي قبرستان ۾ گندگي جا ڍير قديمي قبرون ميسارجڻ لڳيون انتظاميا خاموش خبر موجب باڊھ جو قديمي قبرستان جيڪو هزارن سالن کان پراڻي تاريخي حيثيت رکي ٿو اڄ اهو گندگي جي ور چڙھيل آھي ۽ قديمي قبرون ماڻھن ۽ چوپائي مال جي لنگھ جي
  • 5 years ago
باڊھ :(رپورٽ واحد سنڌي)
باڊھ جي قديمي قبرستان ۾ گندگي جا ڍير
قديمي قبرون ميسارجڻ لڳيون انتظاميا خاموش
خبر موجب باڊھ جو قديمي قبرستان جيڪو هزارن سالن کان پراڻي تاريخي حيثيت رکي ٿو اڄ اهو گندگي جي ور چڙھيل آھي ۽ قديمي قبرون ماڻھن ۽ چوپائي مال جي لنگھ جي ڪري ميسارجڻ لڳيون ميڊيا جي آڏو قبرستان جي ڀر جي رهواسين درگاه واسي دانهيدي چيو ته هي قديمي قبرستان جيڪو پراڻي تاريخي حيثيت رکي ٿو اڄ باڊھ نتظاميا جي لاپرواهي جي ڪري گندگي جي ور چڙهيل آھي جنهن جي دانهن اسان باڊھ جي چونڊيل يوسي چيئرمين کي به ڏئي چڪا آھيون پر ان ڪڏھن به اسان جي دانهن نه ورنائي آھي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڪروڙن رپين جي بجيٽ ۽ شھر جي مونسپل لاء موجود ٽريڪٽر ۽ چنگچي رڪشائن مان هڪ به قربستان لاء مقرر نه ڪيو ويو آھي ان لاء ھنن باھ يوسي چيئرمين کان گهر ڪئي ته شھر جي قبرسان لاء هڪ ڪچري جو دٻو ۽ ٽريڪٽر ڏنو وڃي جيئين هي ڪچرو کڄي سنگهي ۽ قبرستان کي مڪمل ديور اڏائي وڃي جيئين ماڻھون ۽ چوپپائي مال جو گذر بند ٿي سنگهي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاجن اسان کي روڊن تي نڪري احتاج جو دائرو وڌائڻو پوندو
ايس آر ٽي نيوز پاڪستان
Recommended