لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ پوليس انسپيڪٽر پنهنجي نوجوان پٽ کي تشدد ڪري مبينا قتل ڪري ڇڏيو، پوليس ڪاروائي ۾ جوابدار گرفتار، نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي، ڪيس داخل نه ٿيو. تفصيل موجب لاڙڪاڻي شهر جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد ريشم گلي ۾ پوليس انسپيڪٽر
  • 5 years ago
لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ پوليس انسپيڪٽر پنهنجي نوجوان پٽ کي تشدد ڪري مبينا قتل ڪري ڇڏيو، پوليس ڪاروائي ۾ جوابدار گرفتار، نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي، ڪيس داخل نه ٿيو. تفصيل موجب لاڙڪاڻي شهر جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد ريشم گلي ۾ پوليس انسپيڪٽر الهه ڏنو سانگي پنهنجي نوجوان پٽ ذوالقرنين سانگي کي مارڪٽ ۽ تشدد ڪري مبينا قتل ڪري ڇڏيو ۽ واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو جنھن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي، نوجوان جي قتل واري واقعي بابت پوليس کي اطلاع ملڻ کانپوءِ پوليس واقعي واري هنڌ پهتي لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته مبينا قتل ٿيل نوجوان ذوالقرنين پنهنجي پيءُ سان رهندو هو. ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي بعد پوليس ڪاروائي ڪندي انسپيڪٽر الهه ڏنو سانگي کي گرفتار ڪري ورتو آهي جنهن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.
Recommended