ڪلوئي لڳ جوڻيجا برادريَ جو وڏيري جي ظلم زيادتي ۽ پوليس جي خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو وزير اعليٰ سنڌ آء جي سنڌ کان فوري نوٽيس وٺڻ جو مطالبو خبر موجب ڪلوئي کوسڪي لڳ شادي لارج ۾ ڳوٺ ٻڊو جوڻيجو ۾ ڳوٺ جي سوين ماڻهن ابلو جوڻيجو: سليم جوڻيجو: سجاد جوڻيجو: ۽

  • 5 years ago
ڪلوئي لڳ جوڻيجا برادريَ جو وڏيري جي ظلم زيادتي ۽ پوليس جي خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو وزير اعليٰ سنڌ آء جي سنڌ کان فوري نوٽيس وٺڻ جو مطالبو
خبر موجب ڪلوئي کوسڪي لڳ شادي لارج ۾ ڳوٺ ٻڊو جوڻيجو ۾ ڳوٺ جي سوين ماڻهن ابلو جوڻيجو: سليم جوڻيجو: سجاد جوڻيجو: ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بااثر وڏيري احسن چيما ۽ کوسڪي پوليس جي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي ھنن ميڊيا سان ڳالائندي چيو ته اسان 50 سال قديم ڳوٺ ٻڊو جوڻيجو ۾ ويٺا آھيون ۽ اسان جون ابن ڏاڏن کان وٺي پنهنجون زمينو آباد آهن گذريل ھڪ سال کان علاقي جو بااثر وڏيرو ٽائون ڪميٽي کوسڪي جي چيئر مين بلال احسن چيما جو پي چوڌري احسن چيما گذريل ڪجهه مھينا اڳ اسان جي ابن ڏاڏن جي سروي زمين جا ڪوڙا کاتا ٺاراھي زمين تي قبضو ڪري اسان جي زمين تي لاکين رپئي جو فصل کيڙائي وڻ وڊرائي کڻي ويو اسان جي احتجاج تي اسان تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي ٻه ڏينهن اڳ اسان جو پاڻي جو وارو ھو جتي بااثر وڏيرو احسن چيما ھٿياربند ماڻهن جي زور تي اسان جو واٽر بند ڪري زبردستي اسان جو پاڻي پنهنجي زمين تي لڳرائي ڇڏيو
۽ واٽر لٽرائي اسان جا سڀ گس بند ڪري ڇڏئين ھنن وڌيڪ چيو ته اسان جي احتجاج تي ڳوٺ جي 30 ماڻهن تي جنهن ۾ سرڪاري ڊيوٽي ڪندڙ ڳوٺاڻا به شامل آهن کوسڪي ٿاڻي تي حملي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏئين کوسڪي ٿاڻي جي وڏيري جي ونگاري بڻيل پوليس گذريل ٻن ڏينهن کان وڏي اٽالن سان وقفي وقفي سان اسان جي ڳوٺ ٻڊو جوڻيجو تي چڙھائي ڪري چادر چوديواري جو تقدس پامال ڪري رھي آهي کوسڪي پوليس جي ھن عمل سان ڳوٺ جي عورتن ۽ معصوم ٻارڻن ۾ خوف ۽ ھراس ڇانيل آهي ھنن ھن عمل جي شديد مذمت ڪندي وزير اعليٰ سنڌ آء جي سنڌ کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

Recommended