لاڙڪاڻو(رپورٽر مشتاق احمد کھڑو ) لاڙڪاڻي ۾ ps11 تي ٻيهر چونڊ ڪرائڻ واري سپريم ڪورٽ جي حڪم بعد عوامي اتحاد جي اڳواڻن سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون، معظم علي عباسي کي ٻيهر ايم پي اي بڻائڻ لاءِ ڪوششون تيز، تفصيل موجب، عوامي اتحاد جي سربراهه منور علي عباسي جي رها
  • 5 years ago
لاڙڪاڻو(رپورٽر مشتاق احمد کھڑو )

لاڙڪاڻي ۾ ps11 تي ٻيهر چونڊ ڪرائڻ واري سپريم ڪورٽ جي حڪم بعد عوامي اتحاد جي اڳواڻن سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون، معظم علي عباسي کي ٻيهر ايم پي اي بڻائڻ لاءِ ڪوششون تيز،


تفصيل موجب، عوامي اتحاد جي سربراهه منور علي عباسي جي رهائش گاه ڪوٺ داراب خان عباسي ۾ ڪنوينشن ڪوٺايو ويو، جنهن جي صدارت سابقه ايم پي اي عوامي اتحاد جي سربراهه منور علي عباسي ڪئي جنهن ۾ جي يو آئي اڳواڻ مولانا ناصر محمود سومرو، پي ٽي آئي اڳواڻ امير بخش ڀٽو، عادل خان انڙ، بدرالدين عباسي، سردار ظفر حسين سانگي، رافع عباسي ،۽ ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اڳ به اسان اسان ڀرپور نموني ps11 جي چونڊ ۾ معظم علي عباسي کي ڪامياب ڪرايو، هاڻي به اهو عزم رکون ٿا ته اليڪشن ۾ معظم علي عباسي کي چونڊ کٽرائي ڪاميابي حاصل ڪنداسين، هنن وڌيڪ چيو ته گهوٽڪي اليڪشن ۾ جنهن نموني سنڌ حڪومت ڌانڌلي جا رڪارڊ ٽوڙيا ويا،جنهن ڪري هاڻي به چونڊ ۾ ڌانڌلي جو خدشو آهي اسان چيف جسٽس اليڪشن ڪميشن ۽ وزير اعظم کي اپيل ٿا ڪريون ته اليڪشن جي چونڊ شفاف نموني ڪرائڻ کي يقيني بڻائيو وڃي،هنن چيو لاڙڪاڻي سيپڪو واپڊا پاران لوڊشيڊنگ ڪري شهري عوام کي سخت گرمي جي ور چاڙهي مٿن ڳرا بل موڪلي سخت مشڪلاتن ۾ وجهي ڇڏيو آهي، لوڊشيڊنگ ۽ مهانگائي تي ظابطو آڻي شهري عوام کي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ان موقعي تي عوامي اتحاد جي اڳواڻن چيو ڪشمير جي يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪشميري عوام سان ڀارت پاران ظلم ستم جي سخت لفظن م مذمت ڪيون ٿا، هن مشڪل گهڙي ۾ اسان ڪشميري عوام سان گڏ آهيون،
Recommended