مٽياري ۾ آبپاشي ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاء احتجاج ڪرپٽ آفيسر ملازمن جا حق کايو وڃن احتجاج ڪرڻ تي ڪوڙا ڪيس داخل ٿا ڪرائين ..ملازم مٽياري پريس ڪلب اڳيان آبپاشي ملازمن پاران حاجي هاشم ڀنڀرو . عبدالغني ڊومڪي . اڪبر بهراڻي . صدورو صحبچو . شوڪت راجپوت . جي ا

  • 5 years ago
مٽياري ۾ آبپاشي ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاء احتجاج ڪرپٽ آفيسر ملازمن جا حق کايو وڃن احتجاج ڪرڻ تي ڪوڙا ڪيس داخل ٿا ڪرائين ..ملازم
مٽياري پريس ڪلب اڳيان آبپاشي ملازمن پاران حاجي هاشم ڀنڀرو . عبدالغني ڊومڪي . اڪبر بهراڻي . صدورو صحبچو . شوڪت راجپوت . جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهري ۾ وڏي تعداد ۾ آبپاشي ملازمن شريڪ هئا جيڪي پنهنجي مطالبن جي حق ۾ نعريبازي ڪري رهيا هئا مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته اي سي روهڙي سرڪل مختيار ابڙو . انجنيئر هالا ڊويزن طارق ڪيهر ۽ ايس ڊي او سائين ڏنو ميمڻ سميت ڪرپٽ آفيسر ملازمن جي فوتي ڪوٽا تي ڀرتي ٿيل ملازمن کي پگهارون نٿا ڏين ۽ ناجائز طريقي سان ملازمن جون بدليون ڪري هراسان ڪري رهيا آهن جڏهن ان ظلم خلاف اسان احتجاج ڪيو ته اسان تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جڏهن ته ايم اي ڊار جا پئسا به مٿيان آفيسر کايو وڃن ڪوبه ڪم ڪار نٿو ڪيو وڃي ان کان علاوه مذڪوره آفيسر پنهنجا ڪوڙا هٿراڌو ٺيڪيدار گهرائي انهن سان گڏجي ڪروڙن جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي نيب . اينٽي ڪرپشن . سيڪريٽري آبپاشي ۽ ٻين عملدارن کي گّذارش ڪنداسين ته اهي ان ڪرپشن جي جاچ ڪن ان کان علاوه اي سي روهڙي سرڪل مختيار ابڙو . انجنيئر هالا ڊويزن طارق ڪيهر ۽ ايس ڊي او شاه ڏنو ميراڻي کي فوري هٽائي ملازمن تان ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن . ايم اي ڊار جا پئسا ڊپارٽمينٽ تي خرچ ڪيا وڃن فوتي ڪوٽا تي ڀرتي ملازمن جون پگهارون فوري طور جاري ڪيون وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو پوري سنڌ تائين وسيع ڪيو ويندو ..
(مٽياري رپورٽ سليم پنهور )

Recommended