باڊھه (رپورٽر wahid sindhi) باڊھه واسي شهر کي تعلقي جي صورت ۾ ڏسڻ لاءِ بيچين, سخت گرمي ۾ پڻ سوين شهري سراپا احتجاج بڻيل، سنڌ چانڊيه ويلفيئر ايسوسيئيشن سچوا جي ميزباني هيٺ باڊھ تعلقه موومينٽ جي سڏ تي باڊھه پريس ڪلب کان حيدر چؤڪ تائين نائين آچر تي به هڪ شان

  • 5 years ago
باڊھه (رپورٽر wahid sindhi)
باڊھه واسي شهر کي تعلقي جي صورت ۾ ڏسڻ لاءِ بيچين, سخت گرمي ۾ پڻ سوين شهري سراپا احتجاج بڻيل، سنڌ چانڊيه ويلفيئر ايسوسيئيشن سچوا جي ميزباني هيٺ باڊھ تعلقه موومينٽ جي سڏ تي باڊھه پريس ڪلب کان حيدر چؤڪ تائين نائين آچر تي به هڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي اڳواڻي سچوا جي اڳواڻن اعجاز علي چانڊيو، محمود چانڊيو، احمد علي صابر چانڊيو، محمد جڙيل چانڊيو ۽ تعلقه موومينٽ جي اڳواڻن سيد علي گوهر شاھ، مفتي نصير احمد ڀٽو ۽ زيب علي ساريو ڪئي جنهن ۾ سچوا جي مرڪزي, ضلعي اڳواڻن, باڊھه ۽ پسگردائي جي چانڊيه برادري سان گڏ باڊھه تعلقه موومينٽ ۾ شامل جماعتن پ پ, پ پ ورڪرس پارٽي, جي ڊي اي, پي ٽي آءِ, پ پ شهيد ڀٽو, جي يو آءِ, ايس ٽي پي, باڊھه سوشل فورم, باڊھه پريس ڪلب, باڊھه سجاڳ فورم, نوجوان اتحاد باڊھه, جوڳي ويلفيئر ايسوسيئيشن, انجمن حسيني, گسٽا, گودڙا مسلم انجمن, جماعت اهلنست, تنظيم غوثيه, سنڌ لبرل فرنٽ, چئمبر آف ڪامرس, سگا ۽ ٻين تنظيمن پاران ڀرپور شرڪت ڪئي وئي. ريلي ۾ شامل جماعتن جي ڪارڪنن هٿن ۾ جهنڊا کڻي "کپي کپي باڊھه تعلقو کپي" جا نعره هڻندي باڊھ پريس ڪلب کان حيدر چوڪ تائين گشت ڪيو. حيدر چوڪ تي ريلي جلسي جي صورت اختيار ڪري وئي جتي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته باڊھ تعلقه موومينٽ کي هي ٽيون مهينو هلي رهيو آهي جيڪا باڊھ کي تعلقي جو درجو ڏيارائڻ لاء احتجاج ڪري رهيا آهن پر ارباب اختيار جي ڪنن تي ڪابه جون نٿي چري جنهن مان حڪمرانن جي بي حسي ۽ عوامي خدمت جي پت وائکي ٿي پئي آهي. هنن چيو ته سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ ۽ ان کانپوء هاڻوڪي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ باڊھ کي تعلقي جو درجو ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي پر يارنهن سالن گذري وڃڻ جي باوجود به ان تي عمل نه ٿو ڪيو وڃي ۽ باڊھ تعلقي جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿو ڪيو وڃي جيڪا باڊھ واسين سان ناانصافي آهي. جلسي کي سگا جي عبدالرزاق سومرو، ايس ٽي پي جي اصغر نوناري، منور نوناري، سجاڳ فورم جي احمد بشير نوناري، تعلقه موومينٽ جي نور احمد زهري، عزيز بروهي، باڊھ پريس ڪلب جي نظام ڪولاچي، گسٽا جي علي انور عسڪري، گودڙا مسلم انجمن جي عبداللطيف محمدي، جوڳي ڪميونٽي جي ممتاز علي جوڳي، تعلقه بار ڪائونسل جي ايڊووڪيٽ جي محمد هاشم چانڊيو، چيمبر آف ڪامرس جي ذوالفقار علي ڪانڌڙو ۽ ٻين چيو ته باڊھ شهر چوڏهن وارڊن تي مشتمل وڏي آبادي وارو شهر آهي جنهن کي تعلقي جو درجو ملڻ گهرجي. هنن چيو ته اليڪشن مهم دوران هتان جي عوام سان اهي واعده ڪيا ويندا آهن ته باڊھ کي تعلقي جو درجو ڏياريو ويندو ۽ باڊھ مان هميشه پ پ سوڀاري ٿيندي آئي آهي پر پ پ حڪمرانن جا اعلان ۽ واعده صرف واعده ئي رهجي ويا آهن. هنن چيو ته هاڻي باڊھ جو سمورو عوام باڊھ کي تعلقي جو درجو ڏيارائڻ واري جدوجهد ۾ متحد آهي ۽ جيسيتائين باڊھ کي تعلقي جو درجو نه ٿو ڏنو وڃي تيسيتائين باڊھ تعلقه موومينٽ جي هي جدوجهد جاري رهندي. ان موقعي تي اڳواڻن اهو پڻ چيو ته جيڪڏهن مطالبو فوري طور منظور نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو ۽ لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرا ۽ بک هڙتالون ڪيون وينديو

Recommended