ٺل: ٺل ۾ ڀتي خورن ھٿان 45 ڏينھن اڳ قتل ٿي ويل ايس يو پي ڪارڪن ۽ بيڪري مالڪ قائم الدين سرڪي جي قاتلن جي گرفتاري لاء جدوجھد ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي 6 ڏينھن به جوش ٻرڙي جي اڳواڻي ۾ سياسي سماجي تنظيمن پاران شاھ عبدالطيف لائبريري کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاھر

  • 5 years ago
ٺل: ٺل ۾ ڀتي خورن ھٿان 45 ڏينھن اڳ قتل ٿي ويل ايس يو پي ڪارڪن ۽ بيڪري مالڪ قائم الدين سرڪي جي قاتلن جي گرفتاري لاء جدوجھد ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي 6 ڏينھن به جوش ٻرڙي جي اڳواڻي ۾ سياسي سماجي تنظيمن پاران شاھ عبدالطيف لائبريري کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاھرو ڪڍي ڪري ڌرڻو ھنيو ويو مظاھرين جوش ٻرڙو , مير حسن ٻرڙو , سيد عبدالقدوس شاھ ۽ ٻين چيو ته اسا جي قومي ڪارڪن ۽ بيڪري مالڪ قائم الدين سرڪي کي ڀتي خورن وچ شھر ۾ پوليس سامھون قتل ڪيو پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاء تيار ناھي ٺل پوليس جوبدارن سان ٻٽ بڻيل آھي ھنن ايس پي جيڪب آباد بشير احمد بروھي کان مطالبو ڪيو ته ڊي ايس پي ٺل کي فورن ھٽائي ڪري ايماندار ڊي ايس پي مقرر ڪري جوابدارن کي فورن گرفتار ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو -

ڪئمرامين علي نواز ٻرڙو سان گڏ مان صدام حسين دايو بيروچيف ايس ار نيوز پاڪستان جيڪب آباد ٺل

Recommended