خلفاء راشدین کانفرنس جناح باغ لاڑکاٹہ - حصہ پھریون ۔ [محبوب مرشد دلبر سائین]

  • 11 years ago
محرم اسلامي مھينن جو منڍ آھي . جتان سال جو آغاز ٿئي ٿو.جنھن ۾ ڊائريون بدلجن ٿيون . دفتر نئين سِــــرِ شروع ڪيا وڃن ٿا. تاريخ لکي وڃي ٿي . ھن ماھ کي حُرمت ۽ عزت واري مھيني ھجڻ سببان محرم الحرام چيو ويندو آھي . ھن ماھ ۾ عرب جھالت واري وقت ۾ به جنگ جدال ڪو نه ڪندا ھئا. ھي عزتن ۽ عظمتن وارو مھينو آھي. ھن مھيني ۾ گھڻا حاجي حج کان موٽن ٿا. ھن مھيني ۾ رب رحمان جون خصوصي رحمتون ۽ برڪتون بندن مٿان نازل ٿين ٿيون. سنن النسائي ۾ حضرت ابو ذر رضي الله عنھ کان روايت آھي ؛ چيائين مون نبي ڪريم J کان پڇيو ته رات جو ڪھڙو حصو ڀلو آھي ۽ مھينن مان ڪھڙو افضل آھي؟ پاڻ فرمايائون : ” رات جو وچون حصو ڀلو آھي ۽ مھينن ۾ سڀ کان ڀلو الله جو مھينو آھي. جنھن کي اوھان محرم چئو ٿا “ . (نسائي : ج 3 ص 206)
امام حسن چيو ته : ھتي سڀ مھينن مان ڀلو ھجڻ مان مراد رمضان المبارڪ بعد سڀ کان ڀلو آھي.

وڌيڪ پڙهڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪيو

شهداءِ ڪربلا

مسلمان ڀائرو! محرم جا ھي ڏھاڙا ڪربلا جي شھيدن سوره سرويچ
بھادرن پاڪ پيغمبر جي ٻچڙن جي ياد ڏيارن ٿا ۽ امت کي سبق سيکارن ٿا ته ڪربلا جي تتل ڌرتي مٿان مسافر بنجي آيل نبي جي پيارن ٻچڙن حق ۽ سچ جو عظيم مثال ڇڏيو. دوستو ! ھي قدرتي قانون آھي . دنيا ۾ نيڪي به آھي بدي به آھي. خير به آھي شر به آھي حق به آھي باطل به آھي انھن ٻنھين جو ازل کان جھيڙو رھيو آھي . جتي حق ھوندو اتي باطل به مخالفت لاءِ اٿندو. جتي باطل ھوندو ته حق به ضرور ان جي مقابل ٿي ايندو. حق ۽ باطل جو اھو معرڪو جاري آھي ۽ قيامت تائين جاري رھندو. باطل جي مدد ۾ ابليس ۽ ان جو لشڪر آھي ، حق جي مدد ۾ خود الله ۽ ان جا فرشتا آھن. اھو الله جو اٽل فيصلو آھي ته فتح ھميشھ حق وارن جي ٿيندي آھي. حق وارا باطل جي مقابلي ۾ مري پون ته شھيد بنجن فتحياب ٿي موٽن ته غازي رب راضي. ھيڏھون به انعامن جا انبار ھوڏھون به اجر انعام ۽ مال غنيمتون. حق جي ٻيڙي لڏي پر ڪڏھن نه ٻڏي .

وڌيڪ پڙهڻ لاءِ هتي ڪلڪ

Recommended